حاجي بهرام عرف حاجي بهران

حاجي بهرام عرف ’حاجي بهران‘: حاجي بهرام المعروف حاجي بهران جي باري ۾ روايت آهي ته هو اصل افغاني هو. پنهنجي ملڪ افغانستان مان نڪري بغداد ۾ سيد عبدالقادر شاهه جيلانيءَ جي درگاهه تي ويو، جتي ڪافي عرصو رهيو. پوءِ سنڌ ۾ دادوءَ اندر اچي هڪ مسجد وسايائين، جا اڄ به حاجي بهران جي مسجد جي نالي سان مشهور آهي. حاجي بهران دادوءَ ۾ شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مولوي محمد يوسف هو، جيڪو پنهنجي نيڪنامي ۽ پرهيزگاريءَ سبب مشهور هو. حاجي بهران وٽ ڪيترائي سوالي ايندا هئا ۽ من جون مرادون ماڻي واپس ويندا هئا. حاجي بهرام کي وفات بعد مسجد جي اتر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس تربت مٿان ڪوٺو ٺهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو